Islamic Relief Pakistan
Agriculture Extension Sindh
ہیلپ لائن: +92-298-920102

ارڊ زون ريسرچ سينٽر (AZRC)، PARC عمرڪوٽ جو مطالعاتي دورو

July 14, 2026
19 تصويرون

اسلامڪ رليف پاڪستان جي CAAFSS Project تحت يونين ڪائونسل موهل ۽ يونين ڪائونسل کڳاڻ، ضلعي ٺٽي جي 16 ننڍن آبادگارن ۽ فيلڊ اسٽاف لاءِ ارڊ زون ريسرچ سينٽر (AZRC)، پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل (PARC)، عمرڪوٽ جو مطالعاتي دورو منعقد ڪيو ويو. دوري دوران شرڪت ڪندڙن کي جديد زرعي تحقيق، موسمياتي تبديليءَ سان هم آهنگ زرعي طريقن، باغباني، مالداري، قابلِ تجديد توانائي ۽ خشڪ علائقن لاءِ مناسب زرعي ٽيڪنالاجيز بابت عملي ڄاڻ ڏني وئي. 🌿 دوري جون اهم خاصيتون: ✅ بهتر ۽ موسمياتي تبديليءَ کي برداشت ڪندڙ ٻج جون جديد قسمون ✅ کجي، امرود، ٻير ۽ چيڪو جي باغن جو معائنو ✅ واڪ اِن ٽنلن ذريعي محفوظ پوک جا جديد طريقا ✅ ميون ۽ ڀاڄين کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سولر ڊرائر ٽيڪنالاجي ✅ ٿري نسل جي مقامي مال جي تحفظ ۽ واڌاري بابت ڄاڻ ✅ بايو گيس پلانٽ جو دورو ۽ قابلِ تجديد توانائي جي استعمال بابت عملي سکيا آبادگارن تحقيقاتي ماهرن سان تفصيلي خيال ونڊيا، سوال پڇيا ۽ جديد زرعي طريقن بابت سکيا حاصل ڪئي. شرڪت ڪندڙن اظهار ڪيو ته هو سکيل طريقن کي پنهنجي علائقن ۾ اختيار ڪري زرعي پيداوار، آمدني ۽ پائيدار روزگار کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا. 🌾 هي مطالعاتي دورو آبادگارن جي ڄاڻ، اعتماد ۽ جديد زرعي ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي صلاحيت ۾ واڌارو آڻڻ سان گڏ تحقيقاتي ادارن ۽ آبادگارن جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ثابت ٿيو. آخر ۾ اسلامڪ رليف پاڪستان جي ٽيم ۽ سڀني آبادگارن محترم محمد صديق صاحب، ڊاڪٽر زاهد منگريو، سائين بهاري لال ۽ AZRC، PARC عمرڪوٽ جي سموري عملي جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃيا، جن پنهنجي ڀرپور مهمان نوازي، فني رهنمائي ۽ پائيدار زراعت جي واڌاري لاءِ قيمتي سهڪار فراهم ڪيو.

گيلري جي معلومات
  • واقعي جي تاريخ: July 14, 2026
  • تصويرون: 19